تاريخ فيروز شاهي

تاريخ فيروز شاهي

تاريخ فيروز شاهي 2

تاريخ فيروز شاهي (ڪتاب)2: شمس سراج عفيف جو هي فارسي ڪتاب سلطان فيروز شاهه تغلق بابت آهي. سراج عفيف، سلطان فيروز شاهه جي ولادت 709هه/ 1309ع کان لکڻ شروع ڪري ان جي وفات 790هه/ 1388ع تي ڪتاب پورو ڪيو آهي. هن عهد تي ضياءُ الدين برنيءَ جو لکيل ڪتاب ’تاريخ فيروز شاهي‘ به ڪافي گهڻو مستند آهي. برنيءَ جي تاريخ ۾ سياست، مذهب، فلسفو ۽ سياسيات آهي، جڏهن ته شمس سراج عفيف هن عهد جي سماجي ۽ ثقافتي رخن تي زور ڏنو آهي. انهيءَ ڪري هن ڪتاب جي اهميت گهڻي آهي، هن ڪتاب کي پنجن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرين، ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين حصي ۾ ارڙهن ارڙهن باب شامل آهن ۽ پنجين حصي ۾ پندرهن باب آهن. ٽئين حصي جا پهريان ٻارهن باب سنڌ (ٺٽي) متعلق آهن. هن ڪتاب جي مصنف شمس سراج عفيف جي باري ۾ گهڻي معلومات نه ٿي ملي، پر تاريخ مان خبر پوي ٿي ته هن جي خاندان جا غياث الدين تغلق سان تمام گهاٽا تعلقات هئا، شمــس ســراج کــي درٻــار ســان وابستگيءَ جو موقعو مليو. هن جيڪي ڪجهه لکيو آهي، سو اکين ڏٺل واقعن يا مضبوط شهادتن تي مشتمل آهي. هن مستند تاريخ جو فارسي زبان مان اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو محمد فدا علي طالب ڪيو آهي. ان جو اردو ترجمو فڪشن هائوس، لاهور وارن طرفان 2004ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت ٻه سؤ پنجاهه رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو